” جيل ۾ مڙس جي حياتي کي خطرو آهي“ بشريٰ بي بي جو عدالت سان رابطو

اسلام آباد ( ويب ڊيسڪ ) پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان جي گهرواري مڙس جي سيڪيورٽي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ عدالت سان رابطو ڪري ورتو.

بشريٰ بي بي لطيف کوسا ذريعي اسلام آباد هاءِ ڪورٽ ۾ درخواست جمع ڪرائي جنهن ۾ گهرو، دفاع ۽ قانون واري وزارت جي سيڪريٽريز، آءِ جي جيل، اڊيالا جيل جي سپرنٽنڊنٽ، ڊي جي انٽيليجنس بيورو ۽ ڊي جي ايف آءِ اي کي ڌر بڻايو ويو آهي.

بشري بي بي طرفان درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته خدشو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ کاڌي ۾ زهر ڏنو ويندو.

درخواست ۾چيو ويو آهي ته مڙس کي جيل مينوئل موجب اُهي سهولتون ناهن ڏنيون ويون جنهن جو هو حقدار آهي، ساڻس جيل ۾ غيرانساني ورتاءُ آئين جي آرٽيڪل 9 ۽ 14 جي ڀڃڪڙي آهي.

درخواست ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين کي جيل ۾ پسار ۽ ورزش ڪرڻ جي سهولت ڏني وڃي، کيس گهر جي کاڌي جي اجازت به ناهي ڏني وئي.

درخواست ۾ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين جي جيل ۾ سيڪيورٽي ۽ تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ قدم کنيا وڃن، ذميوار ميڊيڪل آفيسر ذريعي خالص خوراڪ جي فراهمي يقيني بڻائي وڃي ڇاڪاڻ ته ملاوٽ واري خوراڪ مڙس جي حياتي لاءِ هاڃيڪار ثابت ٿي سگهي ٿي.

درخواست ۾ وڌيڪ استدعا ڪئي وئي آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين انڊر ٽرائل قيدي آهي ۽ جوابدار ڏوهه ثابت ٿيڻ تائين بي ڏوهه مڃيو ويندو آهي تنهنڪري جيل ۾ سهولتون ڏيڻ بابت عدالتي حڪم تي عمل ڪرايو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.