نوابشاھ (نمائيندو عوامي آواز) سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول پاران ماڙي جلباڻي واقعي لاءِ جوڙيل جاچ ڪميٽي نوابشاهه پهچي پوليس آفيسرن ۽ ڳوٺاڻن جا بيان قلمبند ڪيا.
ڪميٽي ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه، ڊي آءِ جي اسپيشل برانچ ڪراچي آصف اعجاز شيخ، ڊي آءِ جي شهيد بينظير آباد پرويز چانڊيو تي مشتمل 3 رُڪني جاچ ڪميٽي نوابشاهه پهتي.
جاچ ڪميٽي ڪمشنر آفيس ۾ مختلف ڳوٺن جي معززن سميت مختلف ٿاڻن جي ايس ايڇ اوز جا بيان قلم بند ڪيا جڏهن ته مقتولن جا وارث تڏي ويٺل هئڻ سبب جاچ ڪميٽي وٽ نه پهچي سگهيا.
جاچ ڪميٽي جي سربراهه ڪمشنر حيدرآباد خالد حيدر شاهه ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ھن وقت تائين پوليس آفيسرن ۽ ڳوٺاڻن جا بيان قلمبند ڪيا آھن جاچ اڃا مڪمل ناهي ٿي جيڪي به نتيجا سامهون ايندا ميڊيا کي آگاهه ڪندا رهنداسين.
هن چيو ته اسان ٻئي مرحلي ۾ مقتولن جي وارثن وٽ به ڳوٺ هلي وينداسين ۽ انهن جا به بيان وٺنداسين ۽ جتي واقعو ٿيو آهي ان جاءِ جو به معائنو ڪنداسين ۽ مڪمل انڪوائري ۽ تحقيقات ڪرڻ بعد رپورٽ وڏي وزير وٽ پيش ڪنداسين.