ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سڪرنڊ ويجهو ڳوٺ ماڙي جلباڻي ۾ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن هٿان پنجن ڳوٺاڻن جي مارجڻ واري واقعي خلاف سڄي سنڌ ۾ احتجاجي مظاهرن جو سلسلو هلندڙ آهي.
مختلف قومپرست تنظيمن ۽ ٻين ڌرين پاران احتجاجي مظاهرا ڪري ڌرڻا هنيا ويا جڏهن ته عدالتي ڪاررواين جو بائيڪاٽ ڪيو ويو.
ايس يو پي، جسقم، جساف، ايس ٽي پي ۽ ٻين تنظيمن پاران خيرپور، ڄامشورو، ٺل، ڪنڌڪوٽ، پنوعاقل، نصيرآباد، مانجهند، ٽنڊو آدم، قمبر، هالا ۽ ڀان سيد آباد ۽ ٻين شهرن ۾ احتجاجي مظاهرا ڪيا ويا.
گهوٽڪي، ڏهرڪي، عمرڪوٽ، پٿورو، ڍورو نارو، ڪوٽڙي، نوشهروفيروز ۾ مظاهرين مظاهرين پاران واقعي ۾ ملوث جوابدارن جي گرفتاري جو مطالبو ڪيو ويو آهي.