ڪترينا ڪيف مارڪ زڪربرگ کي به پوئتي ڌِڪي ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ جي سپر اسٽار ڪترينا ڪيف ميٽا جي سربراهه مارڪ زڪربرگ کي واٽس ايپ تي مقبوليت جي ڊوڙ ۾ پوئتي ڇڏي ڏنو آهي.
تازو ئي ميٽا جي ملڪيت واٽس ايپ 150 کان وڌيڪ ملڪن ۾ پنهنجو نئون چينلز فيچر متعارف ڪرايو هو، چينلز هڪ براڊ ڪاسٽ فيچر آهي جنهن کي سليبرٽي ۽ اسپورٽس ٽيمون پنهنجون اپ ڊيٽس شيئر ڪرڻ لاءِ استعمال ڪري سگھن ٿيون.
ان نئين فيچر جي ذريعي اسان واٽس ايپ تي مشهور شخصيتن جي فالوورز جو انگ ڏسي انهن جي مقبوليت جو اندازو لڳائي سگھون ٿا.
اڃا تائين واٽس ايپ چينلز سڀ کان وڌيڪ فالو ڪئي ويندڙ شخصيت ۾ ڪترينا ڪيف پهرين نمبر تي آهي جن جي فالوورز جو انگ 14.2 ملين آهي جڏهن ته ميٽا جي سربراهه مارڪ زڪربرگ جا 9.2 ملين فالوورز آهن.
ڪترينا ڪيف مارڪ زڪربرگ سان گڏوگڏ عالمي شهرت يافتا گلوڪار ۽ ريپر بيڊ بني کي به واٽس تي مقبوليت جي ڊوڙ ۾ شڪست ڏئي ڇڏي آهي ڇو جو واٽس ايپ تي گلوڪار جي فالوورز جو انگ 12.6 ملين آهي جيڪو بالي ووڊ اداڪارا کان گھٽ آهي.
هيل تائين واٽس ايپ چينلز تي واٽس ايپ، نيٽ فلڪس ۽ ريئل ميڊرڊ کان پوءِ ڪترينا ڪيف کي سڀ کان وڌيڪ ڪيو پيو وڃي.

 

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.