ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ سپر اسٽار رنبير ڪپور جي جنم ڏينهن جي موقعي تي هن جي ميگا ٿرلر ايڪشن فلم ”اينيمل“ جو ڌماڪيدار ٽيزر جاري ڪيو ويو.
فلم جي ٽيزر کي مشهور هدايتڪار سنديپ ريڊ وانگا سوشل ميڊيا تي پوسٽ ڪيو ۽ ٽيز ٻاهر ايند ئي مختلف پليٽ فارمز تي وائرل ٿي ويو آهي.
ايڪشن سان ڀرپور ٽيزر جي شروعات رنبير ڪپور ۽ رشمڪا مندانا جي ڳالهه ٻولهه کان ٿئي ٿي ۽ رشميڪا جي سوال تي اداڪار ڪاوڙجي پوي ٿو.
هڪ سين ۾ نظر اچي ٿو ته انيل ڪپور جيڪو رنبير جي پيءُ جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي اهو هن تي تشدد ڪري ٿو جڏهن ته اداڪار پنهنجي پيءُ سان گھڻي محبت آهي.
ٻن منٽن جي ان ٽريلر ۾ شوقينن کي جنگ، بدلي ۽ تشدد سان ڀرپور منظر ڏسڻ لآءِ ملن ٿا ۽ رنبير ڪپور هڪ سادي ڇوڪري مان خطرناڪ گينگسٽر بڻجي وڃي ٿو.
رنبير ڪپور جي مقابلي ۾ بوبي ديول فلم جي اندر ولن جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي ۽ فلم پهرين ڊسمبر تي سڄي دنيا ۾ رليز ڪئي ويندي.