غيرشادي شده ڌيءَ ڳورهاري ٿيڻ تي گهرڀاتين جو سخت عمل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) اتر پرديش جي هاپور ۾ هڪ 23 سالن جي غير شادي شده عورت کي مبينا طور تي سندس گهر ڀاتين باهه ڏئي ڇڏي ڇو ته کين اها خبر پئي هئي ته هو ڳورهاري آهي.

واقعو ڳوٺ نودا خورد ۾ پيش آيو جنهن ۾ عورت جي جسم جو 70 سيڪڙو کان وڌيڪ حصو سڙي وڃڻ کانپوءِ ڳڻتي جوڳي حالت ۾ اسپتال منتقل ڪيو ويو.

پوليس پاران عورت جي ماءُ ۽ ڀاءُ کي گرفتار ڪيو آهي.

پوليس موجب عورت جا ساڳئي ڳوٺ جي هڪ شخص سان لاڳاپا هئا ۽ هو ڳورهاري ٿي هئي. جڏهن سندس گهر وارن کي اها خبر پئي ته هو سخت ڪاوڙجي پيا.

عورت جي ماءُ ۽ ڀاءُ کيس ويجھي جهنگ ۾ وٺي ويا جتي هنن مٿس پيٽرول هاري کيس باهه ڏئي ڇڏي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.