مستونگ (ويب ڊيسڪ) مستونگ ۾ عيد ميلاد النبي ﷺ جي جلوس جي ويجهو آپگهاتي ڌماڪي جي شاهد سرفراز جلوس جي سيڪيورٽي جا فرض سرانجام ڏئي رهيو هو.
سرفراز احمد جو چوڻ هو ته ڌماڪو ان وقت ٿيو، جڏهن خاص مهمان ۽ عالم سڳورا جلوس ۾ شرڪت لاءِ پهتا هئا.
سرفراز موجب ڌماڪي ۾ سندس 2 ڀائر زخمي ٿي پيا، جڏهن ته علائقي جا ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ زخمي ٿي پيا.
مستونگ ڌماڪي جي هڪ ٻئي اکين ڏٺي شاهد عطاءُ الله ٻڌايو ته ڌماڪو 10:50 تي مدني مسجد جي ويجهو ان وقت ٿيو جڏهن جلوس ۾ شريڪ ماڻهو گڏ ٿي رهيا هئا.
مقرر شيڊول موجب جلوس کي صبح 11 وڳي نڪرڻو هو.
عطاءُ الله ٻڌايو ته سندس گهر ڌماڪي واري هنڌ کان ٻه ٽي منٽ پنڌ تي آهي.
واقعي واري هنڌ پهچندي ڏٺائون ته وڏي انگ ۾ لاش ۽ زخمي پيل هئا. ماڻهو مدد لاءِ رڙيون ڪري رهيا هئا. ڪجهه دير کانپوءِ ايمبولينس به اتي پهچي وئي .
عطاءُ الله موجب ماڻهن اڳ ئي پنهنجي مدد سان فوتين جا لاش ۽ زخمين کي اسپتال منتقل ڪرڻ جو سلسلو شروع ڪري ڇڏيو هو.
عطاءُ الله موجب صورتحال ايتري ته خراب هئي جو هو لفظن ۾ بيان نٿو ڪري سگهي.