آسٽريليا جو عالمي ڪپ لاءِ حتمي اسڪواڊ جو اعلان، ايشٽن آئوٽ ڪير ٿيو اِن؟

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا آءِ سي سي ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ پندرنهن رُڪني حتمي اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

ورلڊ ڪپ کان اڳ آسٽريلوي ٽيم کي وڏو جهڪٽو لڳو آهي ۽ ڪينگروز ٽيم جو اهم اسپنر ايشٽن اگر انجري سبب ايونٽ مان آئوٽ ٿي ويو آهي سندس جاءِ تي مارنس لبوشين کي عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

فوٹو: کرکٹ آسٹریلیا

آسٽريلين اسڪواڊ ۾ ڪپتان پيٽ ڪمنز، شان ايبٽ، مارنس لبيوشين، اليڪس ڪيري، ڪيمرون گرين ۽ جوش هيزل ووڊ شامل آهن.

انکانسواءِ ٽريوس هيڊ، جوش انگلس، مچل مارش، گلين ميڪسويل، اسٽيو سمٿ، مچل اسٽارڪ، مارڪس اسٽوئنس، ڊيوڊ وارنر ۽ ايڊم زمپا به اسڪواڊ جو حصو آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.