ڀارت جي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ ۾ وڏي تبديلي

ممبئي ( ويب ڊيسڪ ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي طرفان ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ ڦيرڦار لاءِ ڏنل ڊيڊ لائين جي آخري ڏينهن پنهنجي ٽيم ۾ اهم تبديلي ڪري ڇڏي.

ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم پنج سپٽيمبر تي عالمي ڪپ اسڪواڊ جو اعلان ڪيوهو پر هاڻي ان ۾ هڪ وڏي ڦيرڦار ڪئي وئي آهي.

ڀارتي اسپنر اڪشر پٽيل انجري مان صحتياب ناهي ٿي سگهيو، هو ايشيا ڪپ ۾ بنگلاديش خلاف ميچ دوران زخمي ٿي پيو هو.

آءِ سي سي موجب، اسپنر اڪشر پٽيل جي جاءِ تي تجربيڪار آف اسپنر روي چندرن ايشون کي عالمي ڪپ لاءِ ڀارتي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

ورلڊ ڪپ ۾ ٽيم جي قيادت روهت شرما ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ ويرات ڪوهلي، شُڀمَن گِل، شرياس ائير، ايشان ڪِشن، ڪي ايل راهول شامل آهن.

ان کانسواءِ نائب ڪپتان هاردِڪ پانڊيا، سوريا ڪمار ياديو، رويندرا جاڙيجا، ڪُلديپ ياديو به اسڪواڊ جو حصو آهن.

ورلڊ ڪپ جي اسڪواڊ ۾ شاردل ٺاڪر، روي چندرن ايشون، جسپريت بمرا، محمد شامي ۽ محمد سراج کي به سليڪٽ ڪيو ويو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.