تميم ٻاراڻي ڪئي، هو ” ٽيم مين “ ناهي“، شڪيب ساٿي ڪرڪيٽر تي ڪڙڪي پيو

بنگلاديش ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان شڪيب الحسن انجري سبب عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ جاءِ نه ٺاهيندڙ ساٿي ڪرڪيٽر تميم اقبال کي ڇتي تنقيد جو نشانو بڻايو آهي.

ڪرڪ انفو موجب، شڪيب الحسن عالمي ڪپ کان اڳ تميم اقبال کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو ته هو ” ٽيم مين“ ناهي.

ان بيان کانپوءِ ڪرڪيٽ حلقن ۾ اِها بحث جاري آهي ته ڇا تميم اقبال کي ڄاڻي واڻي ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪيو ويو آهي؟ .

ان ڏس ۾ بنگلاديشي ڪپتان شڪيب الحسن چيو ته مون کي يقين آهي ته ڪنهن تميم کي ضرور چيو هوندو، جنهن ماڻهو اِهو چيو آهي، ان ٽيم بابت سوچيو .

شڪيب چيو ته ميچ لاءِ ٽيم ڪامبينيشن ٺاهڻ ۾ ڪيئي شيون شامل هونديون آهن، جيڪڏهن اِها ڳالهه ڪنهن تميم کي ٻڌائي ته ڇا اِهو غلط آهي؟ .

بنگلاديشي ڪپتان تميم ڏانهن اشارو ڪندي چيو ته مان رڳو ڪنهن کي ٻڌائي رهيو آهيان اوهان جيڪو چاهيو ڪري سگهو ٿا، اِهو ٻڌايو ته ٽيم پهريان آهي يا انفرادي شخص؟ .

ياد رهي ته بنگلاديش ڪرڪيٽ بورڊ ( بي سي بي ) ڀارت ۾ شيڊيول ون ڊي ورلڊ ڪپ لاءِ اڱاري ڏينهن پندرنهن رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪيو هو.

عالمي ڪپ ۾ بنگلاديشي اسڪواڊ جي قيادت شڪيب الحسن ڪندو، جڏهن ته ٻين رانديگرن ۾ مشفيق الرحيم، لٽن داس، نجم الحسن شانتو، توحيد هردوئي، مهدي حسن ميراز، تسڪين احمد، مسفيض الرحمان شامل آهن.

انکانسواءِ حسن محمود، شريف السلام، نسم احمد، مهدي حسن، تنزيد تميم، تنظيم ثاقب ۽ محمود الله به عالمي ڪپ اسڪواڊ جو حصو آهن.

ورلڊ ڪپ اسڪواڊ مان ڊراپ ڪرڻ تي اڳوڻي ڪپتان تميم اقبال چپ جو روزو ٽوڙيندي انڪشاف ڪيو هو ته هو عالمي ڪپ کيڏڻ لاءِ فٽ آهي.

واضح رهي ته بنگلاديشي چيف سليڪٽر پنهنجي بيان ۾ چيو هو ته تميم کي ٽيم ۾ شامل نه ڪرڻ جو سبب سندس چيلهه جي انجري آهي.

پنهنجي بيان ۾ تميم اقبال چيو ته بورڊ اختيارين جي عهديدار کيس ٻڌايو ته چيلهه جي انجري جي خدشن باوجود کيس عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويندو.

هن چيو ته هڪ ميچ ۾ بيٽنگ کانپوءِ بي سي بي جي هڪ عهديدار اسان سان گڏ هو، جنهن مون کي ٻڌايو ته اوهان کي عالمي ڪپ اسڪواڊ ۾ شامل ڪري رهيا آهيون، جڏهن ته افغانستان خلاف پهرين ميچ ۾ اوهان حصو نه وٺندا.

تميم اقبال جو چوڻ هو ته مان دنگ رهجي ويس پوءِ مون کي هيٺين نمبر تي بيٽنگ ڪرڻ جي آڇ ڪئي وئي، مون پنهنجي ڪيريئر ۾ ڪڏهن به ٽين، چوٿين يا پنجين پوزيشن تي بيٽنگ ناهي ڪئي مان لوئر آرڊر ۾ ڪيئن بيٽنگ ڪري سگهان ٿو؟ .

بنگلاديشي اوپنر چيو ته مون بي سي بي عملدار کي چيو ته جيڪي اِهو ئي پلان آهي ته مون کي انهن معاملن کان پري رکو ۽ عالمي ڪپ لاءِ ڀارت نه موڪليو.

ان کانسواءِ بنگلاديشي ميڊيا جو چوڻ آهي ته تميم اقبال کي شڪيب الحسن جي چوڻ تي اسڪواڊ ۾ شامل ناهي ڪيو ويو.

ميڊيا رپورٽن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته شڪيب الحسن ان فٽ رانديگرن کي شامل ڪرڻ جي صورت ۾ ڪپتاني ڇڏڻ جي ڌمڪي ڏني هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.