ڀارت چندريان ٿري بابت غلط معلومات پکيڙي رهيو آهي، چيني سائنسندان جي دعويٰ

بيجنگ( ويب ڊيسڪ ) ڀارت جو چندريان ٿري مشن آگسٽ جي آخر ۾ چنڊ تي لينڊ ڪيو هو، مشن جي ڪاميابي کانپوءِ ڀارت چنڊ تي سافٽ لينڊنگ ڪندڙ دنيا جو چوٿون ملڪ جڏهن ته چنڊ جي ڏکڻ قطب تي پهچندڙ پهريون مُلڪ بڻجڻ جو اعزاز ماڻيو هو.

پر هاڻي چين جي چنڊ جي مشنز بابت پروگرام جي باني سائنسدان دعويٰ ڪئي آهي ته ڀارتي مشن چنڊ تي ڏکڻ قطب جي ويجهو ناهي لٿو.

چيني سائنسدان اويانگ زايون هڪ انٽرويوءَ دوران چيو ته ڀارت طرفان چنڊ جي ڏکڻ قطب تي لينڊ ڪرن واري دعويٰ درست ناهي.

هن وڌيڪ چيو ته ان حوالي سان ڀارتي دعوائون غلط آهن، چندريان ٿري ڏکڻ قطب کان 619 ڪلوميٽر پري موجود آهي.

چيني سائنسدانن جي ان بيان تي اسرو اڃا تائين ڪو بيان جاري ناهي ڪيو.

ياد رهي ته چندريان ٿري چنڊ جي ڏاکڻي حصي ۾ سڀ کان پري پهچندڙ مشن آهي جڏهن ته روس جي اتي لينڊ ڪرڻ جي ڪوشش آگسٽ ۾ ئي ناڪام ٿي وئي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.