ورلڊ ڪپ: پاڪستاني ڪرڪيٽرن ڀارت ۾ ڇا محسوس ڪيو؟

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) آءِ سي سي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت لاءِ  ڀارت پهچڻ کانپوءِ پاڪستاني رانديگرن جي ڀارتي مداحن طرفان ڪيل آجيان بابت پنهنجي فينز ۽ فالوورز لاءِ سوشل ميڊيا تي دلچسپ پيغام جري ڪري ڇڏيا.

ڪپتان بابر اعظم ڀارت پهچڻ تي متاثر ٿيڻ کانسواءِ رهي نه سگهيو، سوشل ميڊيا پليٽ فارم تي پنهنجي خيالن جو اظهار ڪندي هن لکيو ته حيدرآباد ۾ مليل محبت ۽ سپورٽ مان تمام گهڻو متاٿر ٿيو آهيان.

فوٹو: اسکرین گریب

محمد رضوان ۽ شاهين آفريدي به ڀارت ۾ ڪجهه ڪلاڪن جي ميزباني سبب پرجوش آهن.

پاڪستاني اسٽار فاسٽ بالر شاهين آفريدي ڀارتي شهر حيدرآباد دکن پهچڻ تي پنهنجي انسٽاگرام اڪائونٽ تي اسٽوري تي حيدرآباد ڀارت جي پن لوڪيشن شامل ڪندي لکيو ته هنيئر تائين انتهائي شاندار آڌر ڀاءُ ڪيو ويو آهي.

پاڪستان ڪرڪيٽر محمد رضوان پنهنجي مداحن لاءِ جاري ڪيل پيغام ۾ لکيو ته هتان جي ماڻهن طرفان دنگ ڪري ڇڏيندڙ آجيان ڪئي وئي آهي، هاڻي ايندڙ ڏيڍ مهيني تي نظر آهي.

پاڪستاني بيٽر امام الحق پنهنجي پيغام ۾ لکيو ته الحمدالله، خيريت سان ڀارت ۾ لينڊ ڪري ورتو آهي.

هن پنهنجي چاهيندڙن کان دعا جي درخواست ڪندي وڌيڪ لکيو ته اسان کي پنهنجي دعائن ۾ ياد رکو.

قومي آل رائونڊر افتخار احمد پنهنجي ايڪس اڪائونٽ تان ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ 2023 ۽ ڀارت جي هيش ٽيگ سان گڏ ڪاميابي جو نشان ٺاهي مختصر وڊيو شيئر ڪئي جنهن ۾ هو پاڻ به ڪاميابي جو نشان ڏيکاريندي نظر آيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.