ماضي ۾ ڪرشما ۽ تبو مون خلاف سازشون ڪيون: روينا ٽنڊن

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ماضي جي مشهور ڊانسر گرل ۽ بالي ووڊ اداڪارا روينا ٽنڊن انڪشاف ڪيو آهي ته ماضي ۾ هن جي خلاف سياست ڪئي وئي ۽ هن جي جاءِ تي ڪرشما ڪپور ۽ تبو جهڙين اداڪارن کي فلمن ۾ ڪاسٽ ڪيو ويو.
روينا ٽنڊن گذريل ڪجهه عرصي کان بالي ووڊ انڊسٽري تي کُلي ڪري ڳالهائيندي نظر ايندي آهي ۽ ٻڌائيندي رهندي آهي ته ڪيئن ماضي ۾ اداڪارن هڪ ٻئي خلاف سازشون ڪندا هئا.
ماضي ۾ هن چيو هو ته بالي ووڊ اداڪارن ۽ فلمسازن جون زالو ۽ سندن گرل فرينڊز انهن کي ان وقت تائين تحفظ فراهم ڪنديون آهن جڏهن اهي ٻين عورتن کي هراسان ڪندا آهن.
هاڻي هن هڪ تازي انٽرويو ۾ دعويٰ ڪئي آهي ته ماضي ۾ هن کي هڪ فلم مان ڪڍي سندس جاءِ تي تبو کي ڪاسٽ ڪيو ويو جڏهن ته هڪ ٻي فلم ۾ هن بدران ڪرشما ڪپور کي شامل ڪيو ويو.
You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.