موبائل سگنلز جو مسئلو، نگران حڪومت خوشخبري ٻڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت قومي شاهراهن تي نيشنل رومنگ سروس شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

موبائل واهپيدارن لاءِ خوشخبري آهي ته هاڻي قومي شاهراهن تي موبائل سگنلز جو مسئلو پيش نه ايندو، نگران حڪومت جلد قومي شاهراهن تي نيشنل رومنگ سروس شروع ڪري ڇڏيندي. آءِ ٽي واري نگران وفاقي وزير موجب ٽيليڪام ڪمپنين وچ ۾ انفرا اسٽڪچر شيئرنگ جي پاليسي وفاقي ڪابينا جي ايندر اجلاس ۾ پيش ڪئي ويندي.

نگران وفاقي وزير ٻڌايو ته سڀني وڏين شاهراهن تي واهپيدارن کي موبائل سروسز جي فراهمي لاءِ نيشنل رومنگ انفرا اسٽرڪچر جوڙيو ويو آهي ۽ ٻن مهينن ۾ نيشنل هاءِ ويز تي نيشنل رومنگ شروع ٿي ويندي، جنهن سان واهپيدار هاءِ ويز تي مختلف موبائل نيٽورڪس استعمال ڪري سگھندا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.