حڪومت جو ڊسمبر ۾ پي آءِ اي جي نجڪاري جو فيصلو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز (پي آءِ اي) جي ڊسمبر ۾ نجڪاري ڪرڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
پي آءِ اي، پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنين جي نجڪاري ۽ پاڪستان اسٽيل جي بحالي جو پلان تيار ڪيو ويو آهي.
ناڻي واري وزارت جي ذريعن موجب پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائنز جي نجڪاري ڊسمبر ۾ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ۽ پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ فنانشل ايڊوائزر جي مقرري جو عمل شروع ڪيو ويو آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته ايئر لائنز جي ذمي قرض، حڪومتي گارنٽيز ۽ ٻيا ايشوز حل ڪرڻ جو پلان تيار آهي، جڏهن ته پي آءِ اي سان گڏ جڙيل ادارن جي نجڪاري نه ڪئي ويندي.
ذريعن موجب پاڪستان اسٽيل ملز جي بحالي لاءِ سيڙپڪارن سان رابطا جاري آهن.
نجڪاري ڪميشن جي ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستان اسٽيل جي نجڪاري موجوده صورتحال ۾ نٿي ٿي سگهي، سيڙپڪارن کي مطمئن ڪري اسٽيل ملز پروڊڪشن ۽ صلاحيت وڌائي ويندي.
ذريعن موجب پاور ڊسٽري بيوشن ڪمپنيز جي نجڪاري لاءِ نجي شعبي سان ڳالهه ٻولهه جاري آهي ۽ جون تائين بجيٽ سپورٽ جي مد ۾ 10 ارب 11 ڪروڙ ڊالر حاصل ڪرڻ جو پلان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.