مشن ورلڊ ڪپ، پاڪستان ٽيم جي ڀارت ۾ لينڊنگ

حيدرآباد دکن ( ويب ڊيسڪ ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم آءِ سي سي مينز ون ڊي ورلڊ ڪپ کيڏڻ لاءِ ڀارت پهچي وئي آهي.

ذريعن موجب، قومي ٽيم جي جهاز حيدرآباد دکن جي راجيو گانڌي انٽرنيشنل هوائي اڏي تي لينڊ ڪيو، پاڪستاني ٽيم دبئي رستي حيدرآباد دکن پهتي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته پاڪستاني ٽيم جي آمد جي موقعي تي سيڪيورٽي جا سخت اتنظام ڪيا ويا آهن، ويهه کان وڌيڪ سيڪيورٽي گاڏيون هوائي اڏي تي موجود آهن جڏهن ته مختلف چئنل تان پاڪستان ٽيم جي ڀارت پهچڻ جي لائيو ڪوريج جاري آهي.

ذريعن موجب، پاڪستان ٽيم کي سخت سيڪيورٽي ۾ ايئرپورٽ کان هوٽل پهچايو ويندو.

ڀارتي شهر حيدرآباد دکن پهچڻ تي هڪ ڏينهن آرام کانپوءِ قومي ٽيم ٻئي ڏينهن پريڪٽس سيشن ۾ حصو وٺندي.

پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم 29 سپٽيمبر تي نيوزيلينڊ خلاف پنهنجي پهرين وارم اَپ ميچ کيڏندي.

قومي ٽيم جو بالنگ ڪوچ مورني مورڪل دبئي ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو جڏهن ته هيڊ ڪوچ مڪي آرٿر ڀارت ۾ ٽيم کي جوائن ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.