ڪراچي (ويب ڊيسڪ) محبوبا جي مهڻي عاشق کي ڦورو بڻائي ڇڏيو، 19 سيپٽمبر تي ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڪيش وين مان ڪروڙين رپيا ڦر ڪندڙ ڦورو جي لو اسٽوري سامهون اچي وئي.
ڪراچي جي علائقي ڪورنگي ۾ ڪيش وين مان ڪروڙين رپيا ڦر واري واقعي جي حقيقت سامهون اچي وئي، محبوبا زوهيب کي غريب هجڻ جو مهڻو ڏئي ڇڏي ڏنو هو.
زوهيب راتو رات امير بڻجڻ لاءِ ڪورنگي مان ڪيش وين کي ڦريو، نجي بئنڪ جي ڪيش وين ۾ 6 ڪروڙ 35 لک رپيا موجود هئا.
جوابدار جي مائٽن جاچ اختيارين کي ٻڌايو ته ڇوڪري غريب هجڻ جو مهڻو ڏئي زوهيب کي ڇڏي ڏنو ۽ ٻئي هنڌ شادي ڪري ڇڏي، زوهيب نجي سيڪيورٽي ڪمپني ۾ ڪم ڪندو هو، 10 مهينن کان ڪراچي ۾ نوڪري ڪري رهيو هو، ٻه مهينا اڳ نوڪري ڇڏي شادي ڪرڻ وهاڙي ويو هو، وهاڙي پهتو ته کيس خبر پئي ڇوڪري شادي ڪري ڇڏي آهي.
جاچ اختيارين موجب محبت کسجڻ تي زوهيب واپس آيو، ان ئي ڪمپني ۾ ٻيهر ملازمت ڪيائين، 19 سيپٽمبر تي ڪيش وين ڦري فرار ٿي ويو هو، زوهيب محبت ۾ ناڪامي تي ڦورو بڻجي ويو.
جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته زوهيب جي گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا ويا آهن پر اهو هٿ ناهي اچي سگهيو.
Next Post
You might also like