معذور مسلمان نوجوان مندر مان پرساد کائڻ جي الزام ۾ قتل

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ مڇريل هجوم طرفان تشدد جو نشانو بڻايل معذور نوجوان مارجي ويو.

ڀارتي ميڊيا موجب اهو واقعو نئين دهلي جي علائقي سندر نگري ۾ پيش آيو جتي 26 ورهين جي مسلمان نوجوان اسرار مبينا طور تي مندر مان پرساد کاڌو جنهن تي موقعي تي موجود ماڻهن هن تي چوري جو الزام لڳائي ان کي پول سان ٻڌي ڇڏيو.

ڀارتي ميڊيا موجب مڇريل ماڻهن چوري جو الزام لڳائي نوجوان کي بري طرح تشدد جو نشانو بڻايو جنهن سبب هو ٿڏي تي مارجي ويو جڏهن ته واقعي جي وڊيو به سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي آهي جنهن ۾ نوجوان کي پول سان ٻڌي ڏنڊن سان تشدد جو نشانو بڻائيندي ڏٺو ويو.

پوليس جو چوڻ هو ته نوجوان تي مندر مان 20 رپيا چوري ڪرڻ جو به الزام لڳايو ويو.

نوجوان جي پيءُ پوليس کي ٻڌايو ته پٽ کي هن جا پاڙيسري گھر کڻي آيا ۽ واقعي بابت ٻڌايو، اسرار جي جسم تي شديد زخم هئا ۽ هو اسپتال کڻي وڃڻ کان اڳ ئي فوت ٿي چڪو هو.

پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي ۽ ان ۾ ملوث ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل به جاري آهي جنهن کانپوءِ جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.