اليڪشن ڪميشن شروعاتي تڪ بندين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان شروعاتي تڪ بندين جي فهرست جاري ڪري ڇڏي.
شروعاتي تڪ بندين جي فهرست اليڪشن ڪميشن جي ويب سائيٽ تي جاري ڪئي وئي آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب تڪ بندين جا نقشا به ويب سائيٽ تي موجود آهن، شروعاتي تڪ بندين جي اشاعت 30 ڏينهن مطلب 26 آڪٽوبر تائين رهندي، شروعاتي تڪ بندين تي اعتراض لاڳاپيل تڪ جو ووٽر ڪري سگهي ٿو.
اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته 28 آڪٽوبر کان 26 نومبر تائين اعتراضن تي فيصلا ڪيا ويندا، اعتراض جمع ڪرائڻ لاءِ لازمي آهي ته اهو لاڳاپيل تڪ جو ووٽر هجي، ضلعي جا نقشا اليڪشن ڪميشن کي قيمت ادا ڪري وٺي سگهجن ٿا.
اليڪشن ڪميشن موجب اسلام آباد جي آبادي 23 لک 63 هزار 863 آهي، اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جون 3 سيٽون آهن، اسلام آباد ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 7 لک 87 هزار 954 آهي.
پنجاب جي آبادي 12 ڪروڙ 76 لک 88 هزار 922 آهي، پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جون سيٽون 141 آهن، پنجاب ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 9 لک 5 هزار 595 آهي.
پنجاب ۾ صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 297 آهن، صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 4 لک 29 هزار 929 آهي.
سنڌ جي آباد 5 ڪروڙ 56 لک 96 هزار 147 آهي، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 61 آهي، سنڌ ۾ قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 9 لک 13 هزار 52 آهي.
سنڌ ۾ صوبائي اسيمبلي جون 130 سيٽون آهن، صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 4 لک 28 هزار 432 آهي، ڪراچي جي قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 22 آهي، ڪراچي جي 7 ضلعن ۾ سنڌ اسيمبلي جون 47 سيٽون آهن.
اليڪشن ڪميشن جي رپورٽ موجب خيبر پختونخواهه جي آبادي 4 ڪروڙ 8 لک 56 هزار 97 آهي، اتي قومي اسيمبلي جون 45 سيٽون آهن، قومي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 9 لک 7 هزار 913 آهي، صوبائي اسيمبلي جون سيٽون 115 آهن، صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 3 لک 55 هزار 270 آهي.
اليڪشن ڪميشن موجب بلوچستان جي آبادي هڪ ڪروڙ 48 لک 94 هزار 402 آهي، بلوچستان ۾ قومي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 16 آهي، اتي هڪ قومي اسيمبلي سيٽ جي ڪوٽا 9 لک 30 هزار 900 آهي.
بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلي جي سيٽن جو انگ 51 آهي، بلوچستان ۾ صوبائي اسيمبلي جي هڪ سيٽ جي ڪوٽا 2 لک 92 هزار 47 آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.