لاهور(م ڊ) مسلم ليگ (ن) جي سينئر اڳواڻ ۽ اڳوڻي وفاقي وزير ميان جاويد لطيف چيو آهي ته محمد نواز شريف عوام جي خوشحالي جي نئين ايجنڊا ڏيڻ وطن واپس اچي رهيو آهي، پي ٽي آءِ چيئرمين خلاف عدم اعتماد ڪنهن جي خواهش نه پر سياست جي ضرورت هئي. هن چيو ته نواز شريف کي ٻڌايو ويو آهي ته هن وقت ملڪ جو وڏو مسئلو مهانگائي آهي، عوام بجلي جا بل ڀرڻ جي سگهه نٿو رکي، ان تي محمد نواز شريف چيو ته اسان آءِ ايم ايف سميت آءِ پي پيز معاهدن جو نئين سر جائزو وٺنداسين ۽ سي پيڪ کي هڪ نئين توانا شڪل ڏينداسين. هن چيو ته (ن) ليگ سمورن سياسي فورمز لاءِ ليول پلئنگ فيلڊ گهرندي آهي. ليول پلينگ فيلڊ 9 مئي جي دهشتگردن لاءِ ناهي گهري، هن چيو ته ڊيل نواز شريف جي ڊڪشنري ۾ ئي ناهي.