نيرن نه ڪرڻ جا نقصان

اوهان اڪثر ٻڌو هوندو ته نيرن ڏينهن جي سڀ کان اهم غذا آهي پر ڪجهه ماڻهو نيرن نه ڪرڻ کي جسماني وزن ۾ گھٽتائي جو بهترين ذريعو تصور ڪندا آهن.
پر نيرن نه ڪرڻ ڪينسر جي مخصوص قسمن مان متاثر ٿيڻ جو خطرو وڌائي سگھي ٿو.
اها دعويٰ چين ۾ ٿيل هڪ طبي تحقيق ۾ سامهون آئي آهي.
نيو انگلينڊ جرنل آف ميڊيسن ۾ ڇپيل تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته نيرن نه ڪندڙن ۾ معدي ۽ آنڊن بابت ڪينسر جي قسمن جو خطرو وڌي ويندو آهي.
ان تحقيق لاءِ 63 هزار ماڻهن جي غذائي عادتن جي جاچ ڪئي وئي هئي.
تحقيق ۾ ٻڌايو ويو ته نيرن نه ڪندڙن جو گلوڪوز ميٽابولزم تبديل ٿي ويندو آهي جڏهن ته پراڻي ورم، ٿولهه ۽ دل جي شريانين جي مرضن جو خطرو وڌندو آهي.
ماهرن جو چوڻ هو ته عذا سان نه رڳ جسماني توانائي وڌندي آهي پر اها ميٽابولزم ۽ مختلف مرضن جي خطري تي به اثر وجهندي آهي.
ان کان اڳ به تحقيقي رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته نيرن نه ڪندڙ ماڻهن ۾ ٿولهه جو امڪان نيرن ڪندڙن جي ڀيٽ ۾ 4 ڀيرا وڌيڪ هوندو آهي.
ان جو سبب اهو آهي جو نيرن نه ڪرڻ سان سڄو ڏينهن بک جو احساس ٿيندو آهي ۽ عام طور تي ماڻهو فاسٽ يا جنڪ فوڊ کي ترجيح ڏيڻ لڳندا آهن جنهن سان جسماني وزن ۾ اضافو ٿيندو آهي.
ٿولهه کي ڪينسر ي مختلف قسمن جو خطرو وڌائيندڙ اهم عنصر تصور ڪيو ويندو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.