رنگ ڀورو ڪرڻ لاءِ حڪيم لقمان جو سولي ۾ سولومشورو

هر ماڻهو خاص ڪري عورتون رنگ ڀورو ڪرڻ جا جتن ڪنديون رهنديون آهن، جنهن لاءِ انهن کي وڏن وڏن پارلرز تي ڳرا ڳرا خرچ به ڪرڻا پون ته اهي ٿورو به ناهن ڪيٻائينديون. خوبصورتي تي وڏا خرچ ڪندڙ عورتن سان گڏ ڪجهه گهر ڌياڻيون ۽ مڙس جي کيسي جو خرچ رکندڙ عورتون به هونديون آهن جيڪي سدائين ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان اهڙا رستا ڳولينديون رهنديون آهن جن سان اهي پنهنجي خوبصورتي به برقرار رکي سگهن ۽ انهن جو سندن يا مڙس جي کسي تي به ڪو بار نه پوي. اڄوڪي هي نسخو اهڙي سگهڙ عورتن لاءِ سُٺي خبر ثابت ٿيندو.

رنگ ڀورو ڪرڻ لاءِ حڪيم لقمان مردن توڙي عورتن کي مشورو ڏيندو هو ته اهي پنهنجو چهرو، هٿ ۽ پير پٽاٽن جي رَس سان ڌوئن.

پٽاٽن زمين ۾ ٿيڻ جي ڪري صحت سميت خوبصورتي لاءِ اهڙا ته فائدا رکن ٿا جن جو توهان اندازو ئي نٿا لڳائي سگهو. اهي اکين جي ڪاراڻ، چهري، هٿن ۽ پيرن جي خوبصورتي لاءِ تمام بهترين نسخو ثابت ٿيندا آهن.

جديد سائنس جو به مڃڻ آهي ته پٽاٽن ۾ تمام گهڻي مقدار ۾ وٽامن سي موجود هوندي آهي جيڪا رنگ ڀورو ڪرڻ سان گڏ فوري چهري ۽ چمڙي جا داغ ڌٻا ختم ڪرڻ ممڪن بڻبو آهي.

پٽاٽن جي رَس چهري، هٿن ۽ پيرن تي مکڻ سان خوبصورتي جا جادوئي فائدا ماڻي سگهجن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.