ورلڊ ڪپ کٽڻ لاءِ ڪهڙي ٽيم کي هارائڻ ضروري آهي؟ مائيڪل وان ٻڌائي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) انگلش ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان مائيڪل وان چيو آهي ته جيڪا به ٽيم ڀارت کي هارائيندي اها ورلڊ ڪپ کٽي ويندي.
ايشيا ڪپ کٽڻ کانپوءِ به ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي بهترين ڪارڪردگي جو سلسلو جاري آهي ۽ ان آسٽريليا کي شروعاتي ٻن ون ڊي ميچن ۾ شڪست ڏئي 3 ميچن جي سيريز 0-2 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي آهي.
ڀارت جي اهڙي ڪارڪردگي تي مائيڪل وان چيو ته ورلڊ ڪپ ۾ جيڪا به ٽيم ڀارت کي هارائڻ ۾ ڪامياب ٿي وئي اها ئي ٽرافي کٽيندي.
هن ايڪس تي ڀارتي ٽيم جي ڪارڪردگي جي تعريف ڪندي چيو ته بليو شرٽس آسٽريليا خلاف سيريز کٽي ان ڳالهه کي يقيني بڻايو آهي ته اهي ميگا ايونٽ ۾ عالمي نمبر هڪ طور ويندا، ڀارت وٽ ڪمال جي بيٽنگ لائن ۽ بالنگ جا سمورا آپشن موجود آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.