بلديا سانحو ڪيس، حماد صديقي جو سڃاڻپ ڪارڊ، پاسپورٽ ۽ بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا سانحي ڪيس ۾ نامزد جوابدار حماد صديقي جو پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
سنڌ هاءِ ڪورٽ بلديا فيڪٽري سانحي سميت 3 ڪيسن جي مفرور جوابدارن جي ڏيوهه واپسي جي معاملي تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن سلسلي ۾ وفاقي گهرو سيڪريٽري عدالت ۾ پيش ٿيو ۽ جوابدارن جي ڏيهه واپسيءَ جون ڪوششون نه ڪرڻ تي عدالت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو.
عدالت حماد صديقي، تقي حيدر شاهه، خرم نثار جا پاسپورٽ، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ بئنڪ اڪائونٽ بلاڪ ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
عدالت چيو ته حماد صديقي جي آخري ڀيرو پاڪستان لينڊ ڪرڻ جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.
سنڌ هاءِ ڪورٽ مفرور جوابدار تقي حيدر ۽ خرم نثار بابت رپورٽ طلب ڪري ورتي ۽ گڏوگڏ پراسيڪيوٽر جنرل سنڌ کان سڄي صوبي جي مفرور ۽ اشتهاري جوابدارن جي فهرست به گهري ورتي.
عدالت عدم پيشي تي پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽري کي شوڪاز جاري ڪري ڇڏيو ۽ ايندڙ ٻڌڻي تي نادرا ۽ پرڏيهي معاملن جي سيڪريٽري کان ٻه آڪٽوبر تائين رپورٽ طلب ڪري ورتي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.