خاور مانيڪا اينٽي ڪرپشن هٿان گرفتار، راهداري رمانڊ منظور

لاهور (ويب ڊيسڪ) اينٽي ڪرپشن تحريڪ انصاف چيئرمين عمران خان جي گهرواري بشريٰ بي بي جي اڳوڻي مڙس خاور مانيڪا کي گرفتار ڪري ورتو.
اينٽي ڪرپشن ترجمان موجب خاور مانيڪا کي سرڪاري ايراضي تي ناجائز اڏاوتن جي الزام ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي.
ترجمان ٻڌايو ته خاور مانيڪا تي قبرستان جي جاءِ تي غير قانوني شادي هال تعمير ڪرڻ جو الزام آهي ۽ ان خلاف ڊپٽي ڪمشنر جي ريفرنس تي انڪوائري ڪئي پئي وڃي.
ذريعن موجب خاور ملڪ مان فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪري رهيو هو ۽ کيس ايئرپورٽ ڀرسان گرفتار ڪيو ويو آهي.
هوڏانهن اينٽي ڪرپشن لاهور جي اختيارين خاور مانيڪا کي ضلعي ڪچهري ۾ پيش ڪيو، جڊيشل مئجسٽريٽ هڪ ڏينهن جو راهداري رمانڊ ڏيندي چيو ته خاور مانيڪا کي سڀاڻي تائين لاڳاپيل عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.