سرڪاري عمارتن جي ڪرائي جي اوٽ ۾ اربين رپيا هضم

سنڌ جي ڪيترن ئي سرڪاري کاتن جون آفيسون ڀاڙي جي عمارتن ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ۽ ذريعن ٻڌايو آهي ته لاڳاپيل کاتن جا آفيسر پنهنجي پسند جا بنگلا ڪرائي تي وٺي مرضي جو ڪرايو طئي ڪري وٺندا آهن.
انويسٽمينٽ، يونيورسٽيز بورڊز، سوشل پروٽيڪشن، توانائي کاتو، زڪوات جون سيڪريٽريٽس، اينرجي بورڊ، ڪول اٿارٽي، پي ڊي ايم اي کاتو ڪرائي جي عمارتن ۽ بنگلن ۾ هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.

ذريعن جوج چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جي ڪيترن ئي کاتن جا آفيسر پنهنجي پسند جا بنگلا ڪرائي تي وٺي مرضي جو ڪرايو طئي ڪري ڇڏيندا آهن، ۽ ڪراءِ جي آفيسن سان ساليانو 1 ارب 13 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن ڪئي ويندي آهي.
ذريعن موجب ناڻي کاتي جي آفيس جو ساليانو 5 ڪروڙ 32 لک رپيا ڪرايو ڏنو ويندو آهي، منصوبابندي جي آفيس تي 7 ڪروڙ 64 لک رپيا ساليانو ڪرايو ويندو آهي، جڏهن ته مائنز کاتي جي آفيس جو ساليانو 11 ڪروڙ 34 لک رپيا ڪرايو ڏنو ويندو آهي.
ذريعن موجب گھرو کاتو 68 لک ۽ قانون کاتو 5 ڪروڙ 83 لک رپيا ڪرايو ادا ڪندا آهن، زراعت هڪ ڪروڙ 7 لک رپيا، تعليم کاتو 8 ڪروڙ 36 لک رپيا ۽ پاپوليشن کاتو 27 ڪروڙ 27 لک رپيا ڪرايو ڏيندا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.