ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارروايون ڪندي ڪرنسي سمگلنگ ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارروايون ڪندي ڪرنسي سمگلنگ ۾ ملوث 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي موجب ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي جي هدايت تي ڪرنسي سمگلرز ۽ هنڊي حواله ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ گذريل هفتي دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد زونز ڪرنسي جي غير قانوني ايڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف 7 ڇاپا مار ڪارروايون ڪيون جن جي نتيجي ۾ 11 جوابدار کي گرفتار ڪري 6 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ايف آ3 اي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان 6 هزار 400 آمريڪي ڊالرز ۽ هڪ ڪروڙ 67 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي ٻي غير ملڪي ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن مختلف ڪاروبار جي آر ۾ ڪرنسي جي غير قانوني ايڪسچينج ۾ ملوث هئا، ايف آءِ اي هنڊي حواله ۽ ڪرنسي جي غير قانوني ايڪسچينج ۾ ملوث جوابدارن خلاف انٽيليجنسي بيسڊ ڪارروايون شروع ڪيون آهن.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ هو ته پرڏيهي ملڪ رهندڙ هنڊي حواله ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ڊيلرن جي خلاف به گھيرو تنگ ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي گرفتار لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به مدد ورتي پئي وڃي.