سنڌ ۾ ڪرنسي سمگلنگ خلاف ڪارروايون، 11 ڄڻا گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارروايون ڪندي ڪرنسي سمگلنگ ۾ وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) ڪراچي ۽ حيدرآباد ۾ ڪارروايون ڪندي ڪرنسي سمگلنگ ۾ ملوث 11 ڄڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي.
ايف آءِ اي موجب ڊائريڪٽر جنرل ايف آءِ اي جي هدايت تي ڪرنسي سمگلرز ۽ هنڊي حواله ۾ ملوث عنصرن خلاف ڪريڪ ڊائون جاري آهي ۽ انهيءَ سلسلي ۾ گذريل هفتي دوران ڪراچي ۽ حيدرآباد زونز ڪرنسي جي غير قانوني ايڪسچينج ۾ ملوث عنصرن خلاف 7 ڇاپا مار ڪارروايون ڪيون جن جي نتيجي ۾ 11 جوابدار کي گرفتار ڪري 6 ڪيس داخل ڪيا ويا آهن.
ايف آ3 اي ترجمان ٻڌايو ته گرفتار ڪيل جوابدارن جي قبضي مان 6 هزار 400 آمريڪي ڊالرز ۽ هڪ ڪروڙ 67 لک رپين کان وڌيڪ ماليت جي ٻي غير ملڪي ڪرنسي به هٿ ڪئي وئي آهي.
ترجمان موجب گرفتار ڪيل جوابدارن مختلف ڪاروبار جي آر ۾ ڪرنسي جي غير قانوني ايڪسچينج ۾ ملوث هئا، ايف آءِ اي هنڊي حواله ۽ ڪرنسي جي غير قانوني ايڪسچينج ۾ ملوث جوابدارن خلاف انٽيليجنسي بيسڊ ڪارروايون شروع ڪيون آهن.
ايف آءِ اي اختيارين جو چوڻ هو ته پرڏيهي ملڪ رهندڙ هنڊي حواله ۽ غير قانوني ڪرنسي ايڪسچينج ڊيلرن جي خلاف به گھيرو تنگ ڪيو ويو آهي، جوابدارن جي گرفتار لاءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي به مدد ورتي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.