يوٽيوب وڊيو ايڊٽنگ ايپ متعارف ڪرائي ڇڏي

گوگل طرفان هڪ نئين ايپ يوٽيوب ڪري ايٽ متعارف ڪرائي وئي آهي جنهن سان وڊيوز کي فون جي اندر ئي ايڊٽ ڪرڻ ممڪن ٿي ويندو.
هلندڙ هفتي ڪمپني طرفان ان نئين ايپ کي متعارف ڪرائڻ جو اعلان ڪيو ويو هو جنهن جو بنيادي مقصد ماڻهن کي وڌ کان وڌ شارٽس (ننڍيون وڊيوز) تيار ڪرڻ ۾ مدد فراهم ڪرڻ آهي.
واضح رهي ته گوگل طرفان ٽڪ ٽاڪ جي مقابلي ۾ شارٽس جو فيچر متعارف ڪرايو ويو هو.
هاڻي ان لاءِ ڌار ايپ کي متعارف ڪرائڻ به ٽڪ ٽاڪ جو نقل آهي جنهن طرفان ڪيپ ڪٽ جي نالي سان ايپ پيش ڪئي وئي هئي.
يوٽيوب طرفان هڪ بلاگ پوسٽ ۾ ٻڌايو ويو ته ان نئين ايپ ۾ وڊيو ايڊٽنگ ٽولز جهڙوڪ وائس اوور، آٽو ميٽڪ ڪيپشن، فلٽرز لائبريبري ۽ ٻين تائين پهچ ڏني ويندي.
اهڙيءَ طرح رائلٽي فري ميوزڪ کي ڳولڻ به ان ايپ سان سولو ٿي ويندو.
اها نئين ايپ في الهال ڪجهه ملڪن ۾ محدود واهپيدارن کي دستياب آهي جڏهن ته آءِ فونز لاءِ ان کي 2024ع ۾ متعارف ڪرايو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.