ڇا پاڪستان اسرائيل کي تسليم ڪرڻ وارو آهي؟

تل ابيب (ويب ڊيسڪ) اسرائيل سان لاڳاپا رکڻ جي معاملي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني واضح ڪيو آهي ته پاڪستان پنهنجي قومي مفادن ۽ فسلطيني عوام جي مفادن کي نظر ۾ رکي ئي ان بابت ڪو فيصلو ڪندو.
ان کان اڳ اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن سعودي عرب سان لاڳاپا قائم ڪرڻ بابت ڪوششن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته سعودي عرب سان گڏ 6 يا ست مسلمان ملڪ اسرائيل کي تسليم ڪندا پر پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ان نمائيندي کي خاص طور تي ٻڌايو ته ان معاملي ۾ ڪو به فيصلو پاڪستان ۽ فلسطينين جي مفادن کي نظر ۾ رکي ئي ڪيو ويندو.
ماضي تي نظر وجهجي ته اڳوڻي صدر جنرل پرويز مشرف جي دور ۾ پاڪستان جي پرڏيهي وزير خورشيد قصوري اسرائيلي پرڏيهي وزير سيلون شيلوم سان ترڪي جي شهر استنبول ۾ 2005ع ۾ ملاقات ڪئي هئي، اها پهرين ملاقات هئي جيڪا ميڊيا جي آڏو ٿي ۽ اهو ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان جي ڪوششن جو نتيجو هو.
ان ملاقات کان پوءِ جاري ڪيل بيان ۾ سيلون شيلوم اميد ظاهر ڪئي هئي ته هاڻي پاڪستان ۽ اسرائيل وچ ۾ کُليل ۽ گڏيل مفاد رکندڙ لاڳاپا شروع ٿيندا، سيلون شيلوم ان وقت جي صدر مشرف جا ٿورا مڃيا ته خطي ۾ امن ۽ ماڊرنائزيشن لاءِ هو صدر مشرف جي ان جرت تي سندس ٿورائتا آهن ۽ اهو ته سندس ڪوششن سان مستقبل ۾ امن، سلامتي ۽ علائقائي سهڪار وڌندو پر ان کان پوءِ پرڏيهي وزيرن يا ڪنهن ٻي سطح تي اهڙيون ملاقاتون ميڊيا تي سامهون ناهن آيون.
پاڪستان جي هڪ ٻئي سينيئر سفارتڪار سان کان اها ڳالهه پڇي وئي ته سعودي عرب سان ايشيا ۽ آفريقا جا 6 يا ست مسلمان ملڪ جيڪڏهن اسرائيل کي تسليم ڪري وٺندا ته پاڪستان ڪٿي بيٺل هوندو؟ ان تي سفارتڪار نالو ظاهر نه ڪرڻ جي شرط تي ايترو چيو ته اميد آهي ته ان بابت پاڪستان کي ويجهڙ ۾ ڪو به فيصلو نه ڪرڻو پوندو.
اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن اهو به چيو ته هن جي ڪيترن ئي مسلمان ملڪن جي اهڙن اڳواڻ سان ملاقات ٿي آهي جن اسرائيل کي تسليم ناهي ڪيو، سوال اهو آهي ته اها ملاقات ٿي ڪهڙن ملڪن جي اڳواڻن سان آهي؟
ان سوال جو جواب ان ڪري به اهم آهي ڇو جو ان اسرائيلي پرڏيهي وزير ايلي ڪوهن رڳو ايترو راز فاش ڪيو هو ته ان جي ليبيا جي پرڏيهي وزير نجلا منگولش سان ملاقات ٿي آهي ته نه رڳو ليبيا جي پرڏيهي وزير کي عهدو پر ملڪ ڇڏڻو پيو. ليبيا ۾ مظاهرا ٿيا ۽ ڳالهه ايتري وڌي وئي جو ان ملاقات تي نجلا منگوش جي خلاف جاچ شروع ٿي، صورتحال ان وقت ڪنٽرول ۾ آئي جڏهن ليبيا جي وزيراعظم عبدالحامد کي چِٽي انداز ۾ چوڻو پيو ته هن جي حڪومت اسرائيل سان لاڳاپا قائم ناهي ڪري رهي.
ان نمائيندي هڪ سينيئر سفارتڪار کان اهو به پڇيو ته ڇا اسرائيلي پرڏيهي وزير جي تازو ڪجهه عرصي ۾ ڪنهن پاڪستاني اهلڪار سان ملاقات ٿي آهي ته هن واضح انداز ۾ چيو ته نه.
آمريڪا جي اڳوڻي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي ڪوششن سان گڏيل عرب امارات ۽ بحرين ٽي سال اڳ اسرائيل سان لاڳاپا معمول جي سطح تي آڻڻ جو معاهدو ڪيو هو، ان ابراهم معادي تحت سوڊان ۽ مراڪش به اسرائيل سان لاڳاپا قائم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو هو پر ڪجهه سسبن جي ڪري مراڪش جي ڀيٽ ۾ سوڊان ۽ اسرائيل جا لاڳاپا وڌيڪ گھرا نه ٿي سگھيا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.