موبائل فونز استعمال ڪندڙن لاءِ وڏي خبر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ موبائل فونز استعمال ڪندڙ واهپيدارن جي انگ ۾ ڏينهون ڏينهن واڌ ٿيندي پئي وڃي. ان حوالي سان پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس اهم اطلاع ڏنو آهي.
جاري ڪيل انگن اکرن ۾ پاڪستان بيورو آف اسٽيٽسٽڪس (پي بي ايس) ٻڌايو ته آگسٽ 2023ع ۾ موبائل فونز جي درآمد 71 سيڪڙو وڌيڪ رهي. پاڪستان جي موبائل فون جي درآمدات 32 ارب 70 ڪروڙ رپين تائين پهچي وئي آهي.
درآمدات ۾ اضافو گذريل مالي سان جي هن ئي مهيني جي درآمدات جي ڀيٽ ۾ تمام گھڻو هو، جيڪو تقريبن 135 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
ڊالر جي لحاظ سان آگسٽ ۾ درآمدات 111.34 ملين ڊالرز رهيون جيڪي جولاءِ 2023ع جي ڀيٽ ۾ 63 سيڪڙو ۽ آگسٽ 2022ع جي ڀيٽ ۾ 76 سيڪڙو وڌيڪ آهن.
هلندڙ مالي سال جي پهرين ٻن مهينن يعني جولاءِ ۽ آگسٽ دوران 10 ارب رپين جون درآمدات ٿيون. اهي 51.85 بلين رپين جي درآمدات جي ڀيٽ ۾ 131 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
22.44 ارب رپين جا موبائل فونز گذريل مالي سان جي انهيءَ مدي ۾ رجسٽرڊ ٿيا هئا. آگسٽ 2023ع ۾ درآمدات 179.47 ملين ڊالرز رهيون، جيڪي گذريل مالي سال جي انهيءَ مدي ۾ رجسٽرڊ 101.86 ملين ڊالرز جي درآمدات جي ڀيٽ ۾ 76 سيڪڙو وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.