قرآن پاڪ کڻي چوان ٿو ته فاطمه ڦرڙو جو موت بيماري سبب ٿيو: نامزد جوابدار پير فياض شاهه

راڻيپور (ويب ڊيسڪ) فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ عبوري ضمانت تي آزاد ٿيل پير فياض شاھه چيو آهي ته اسان کي بدنام ڪرڻ لاءِ ڦاسايو ويو آهي، فاطمه ڦرڙو قتل ڪيس ۾ اسد شاهه سميت خاندان جو ڪو به فرد ملوث ناهي.
قرآن پاڪ کڻي دستگير هائوس تي پريس ڪانفرنس ڪندي فياض شاهه چيو ته فاطمه ڦررڙو اسان جي نياڻي هئي، اسان ان کي پنهنجي ٻچن جيان ڏسنداهئاسين، فاطمه ڦررڙو جو موت بيماري سبب ٿيو آهي، بدنام ڪرڻ لاءِ ڪيس اسان مٿان مڙهيو ويو آهي.
هن چيو ته اسان هميشه امن جو پيغام ڏنو آھي، خاندان کي ڪمزور ڪرڻ لاءِ ائين ڪيو ويو آهي، قرآن پاڪ کڻي چوان ٿو ته فاطمه ڦررڙو جو موت بيماري سبب ٿيو آهي.
سندس چوڻ هو ته صحافي برادري ۽ وڪيل برادري کي اپيل ٿو ڪريان ته معاملي جي قرآن پاڪ تي جاچ ڪيو، جيڪو به ملوث هجي ان کي بخش نه ڪيو وڃي.
هوڏانهن پوليس دستگير هائوس تي چڙهائي ڪري فاطما ڦرڙو ڪيس ۾ نامزد جوابدار پير فياض شاهه کي گرفتار ڪري اڻڄاتل هنڌ منتقل ڪري ڇڏيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.