پٿوري ڀرسان هندو ياترين سان حادثو، عورت ۽ ٻار فوت، 25 کان مٿي زخمي

پٿورو (ويب ڊيسڪ) پٿوري ڀرسان راما پير جي ميلي تي ويندڙ ياترين سان ڀريل شهزور اونڌي ٿيڻ جي نتيجي ۾ عورت ۽ ٻارڙو فوت ٿي ويو، جڏهن ته عورتن ۽ ٻارن سميت 25 کان مٿي زخمي ٿي پيا.
عمرڪوٽ – ميرپورخاص روڊ تي ڪورائي رستي لڳ اوچتو ٽائر راڊ ٽٽڻ سبب ياترين جي شهزور اونڌي ٿي پئي، حادثي ۾ هڪ عورت جيڻي اوڏ ۽ 8 ورهين جو ٻارڙو جيون اوڏ ٿڏي تي فوت ٿي ويا، جڏهن ته 25 کان مٿي ياتري زخمي ٿي پيا، جن ۾ عورتون ۽ ٻار به شامل آهن.
حادثي جو شڪار سڀني ياترين جو واسطو اوڏ برادري سان آهي، جيڪي سڀ پاڻ ۾ ويجها مائٽ آهن ۽ ڳوٺ دين محمد چانگ کان ٽنڊوالهيار راما پير جي ميلي تي وڃي رهيا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.