لاهور ۾ 13 ورهين جي ڇوڪري پيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو

لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور جي علائقي گجرپورا ۾ 13 ورهين جي ڇوڪري مبينا طور تي فائرنگ ڪري پنهنجي پيءَ کي قتل ڪري ڇڏيو.
پوليس موجب 45 ورهين جو بلال درزڪو ڪم ڪندو هو، گهر مان فائرنگ جو آواز ٻڌي پاڙي وارن پوليس کي اطلاع ڏنو.
جاچ آفيسر موجب 13 ورهين جي آمنا پنهنجي پيءَ بلال کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو، واقعي واري هنڌان پستل ۽ ٻيون شاهديون گڏ ڪيون ويون آهن.
پوليس آمنا جي شروعاتي بيان تي شڪ جي بنياد تي سندس ماءُ ڪومل بي بي، ڀاءُ عثمان ۽ هڪ ويجهي مائٽ کي به گرفتار ڪري ورتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.