ڌيئرن مٿان پٽ کي ترجيح ڏني ويندي آهي: ماهرا خان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اداڪارا ماهرا خان چيو آهي ته پاڪستان ۾ هر طبقي جا ماڻهو ڌيءَ مٿان پٽ جي خواهش رکندا آهن، پر اعليٰ گھراڻن ۾ ان جو اظهار دٻيل لفظن ۾ ڪيو ويندو آهي.
اداڪارا ماهرا خان تازو ئي اداڪارا مومل شيخ ۽ هدايتڪار محسن علي سان گڏ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ شرڪت ڪئي.
پروگرام ۾ ڳالهائيندي ماهرا خان چيو ته پهريون ڪنهن به ڇوڪريءَ جو حق ان وقت ماريو ويندو آهي جڏهن والدين اها خواهش ظاهر ڪندا آهن ته جيڪڏهن ڌيءَ بدران پٽ ڄمي ها.
اداڪارا چيو ته اهڙيءَ طرح ڌيئرن جي حقن تي ڌاڙو هڻڻ جو سلسلو شروع ٿيندو آهي جيڪو بيهڻ جو نالو ناهي وٺندو ۽ پوءِ هڪ وقت اهڙو ايندو آهي جڏهن ڇوڪريون اهو سوچڻ لڳنديون آهن ته شايد فلاڻي فلاڻي شيءِ تي هنن جو حق ناهي.
اداڪارا جو چوڻ هو ته ڌيئرن کي جيڪڏهن ڌيءَ نه سمجهي ڪري ۽ رڳو انساني سمجهي ڏٺو وڃي تڏهن به هن سان ايتري ناانصافي نه ٿيڻ گھرجي.
هڪ سوال جي جواب ماهران خان چيو ته پاڪستان جي هر طبقي ۾ عام ڳالهه هوندي آهي ته ڌيءَ بدران پٽ پيدا ٿئي.
ماهران خان موجب ملڪ ۾ سڀني طبقن جي گھراڻن ۾ ڌيئرن مٿان پٽ کي ترجيح ڏني ويندي آهي ۽ ان سوچ جو ڪنهن به خاص طبقي سان ڪو به واسطو ناهي پر امير ۽ وڏن گھراڻن ۾ اهڙيون ڳالهيون انتهائي دٻيل لفظن ۾ ڪيون وينديون آهن پر اتي به اهڙي سوچ موجود آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.