ورلڊ ڪپ: آسٽريليا جي نئين جرسي ۾ لڪل پيغام ۽ خاص ڳالهه ڇا آهي؟

ڪينبرا (ويب ڊيسڪ ) آسٽريليا ايندڙ مهيني ڀارت ۾ شروع ٿيندڙ عالمي ڪپ لاءِ نئين جرسي متعارف ڪرائي جنهن ۾ ڪجهه خاص پيغام لڪيل آهي.

آسٽريليا ڪرڪيٽ جي تاريخ جي واحد ٽيم آهي جنهن هڪ ڏينهن واري ڪرڪيٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ پنج ڀيرا عالمي ڪپ کٽڻ جو اعزاز ماڻيو آهي.

آسٽريلوي ٽيم ڇهون ڀيرو عالمي ڪپ کٽڻ جا خواب نيڻن ۾ سجائي ڀارت پهچي چُڪي آهي ۽ ٽورنامينٽ جي تيارين لاءِ ميزبان مُلڪ سان ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز کيڏي رهي آهي.

ڪرڪيٽ آسٽريليا گذريل ڏينهن پنهنجي ٽيمن لاءِ نئين جرسي جي مهورت ڪئي هئي جنهن جي وڊيو پنهنجي سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي پڻ جاري ڪئي هئي.

ڪينگروز اِها جرسي پهري عالمي ڪپ مهم جي شروعات ڪندا پر ڇا اوهان ڄاڻو ٿا ته ان جرسي ۾ ڪهڙُ پيغام لڪل آهي ۽ اهو خاص ڇو آهي؟ .

پرڏيهي خابرو اداري موجب، آسٽريليا جي نئين جرسي جديد ٽينڪالوجي سان ليس آهي ۽ ڪرڪيٽ جي ورثي کي ظاهر ڪري ٿي.

فيونا ڪلارڪ جي تخليق اِها جرسي آرٽ ورڪ جو بهترين نمونو هئڻ سان گڏ نه رڳو 1868ع جي تاريخي آسٽريلوي ٽيم جي ياد ڏياري تي پر اِها راند جي ڀرپور ورثي، ثقافتن ۽ نسلن کي پاڻ ۾ جوڙڻ جي صلاحيت جي پرجوش ياد ڏياري ٿي.

هن ڪٽ ۾ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال ڪندي هوادار ميش پئنلز کي وڏي مهارت سان شامل ڪيو ويو آهي ته جيئن هوا جو دٻاءُ معمول موجب رهي ۽ رانديگر ميچ ۾ دٻاءُ واري صورتحال دوران به ٿڌا رهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.