قومي ٽيم جي نوجوان فاسٽ بالر نسيم شاهه انجري سبب عالمي ڪپ لاءِ ٽيم ۾ شامل نه ٿيڻ تي افسوس اظهار ٿي ڪيو آهي.
چيف سليڪٽر انضمام الحق قومي ٽيم جو اعلان ڪندي چيو ته نسيم شاهه جو عالمي ڪپ مان ٻاهر ٿيڻ اسان لاءِ وڏو ڌچڪو آهي پر اِهو راند جو حصو آهي.
With a heavy heart, I’m sharing that I will not be part of this amazing team that will be representing our beloved country. While I’m disappointed, I believe everything is in Allah’s hands. InshahAllah will be on the field very soon.
Thank you to all my fans for the prayers!
— Naseem Shah (@iNaseemShah) September 22, 2023
قومي ٽيم جي اعلان کانپوءِ هاڻ نسيم شاهه سوشل ميڊيا تي بيان جاري ڪيو جنهن ۾ هن لکيو ته افسوس سان گڏ اِها خبر شيئر ڪري رهيو آهيان ته مان عالمي ڪپ ۾ نه هوندس، مان مايوس آهيان پر سڀ الله جي هٿ ۾ آهي.
نسيم شاهه وڌيڪ لکيو ته انشاءَ الله تمام جلد ميدان ۾ هوندس، مداحن جو پنهنجي دعائن ۾ ياد رکڻ تي ٿورائتو آهيان.