صدر ۽ وزيراعظم چونڊون نه وڙهندا! اليڪشن ڪميشن جو ضابطا اخلاق جاري

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) اليڪشن ڪميشن عام چونڊن جي حوالي سان لاڳاپيل ضابطا اخلاق جاري ڪري ڇڏيا.

اليڪشن ڪميشن اٺاسي نقطن تي ٻڌل لاڳاپيل ضابطا اخلاق جاري ڪيو آهي جنهن موجب صدر، وزيراعظم، وزير ۽ عوامي عهديدار اليڪشن نٿا وڙهي سگهن.

ڄاڻايل ضابطا اخلاق موجب سينيٽر ۽ بلدياتي نمائندا چونڊ مهم هلائي سگهن ٿا، ترقياتي اسڪيمن جا اعلان ۽ عدالتن، نظريا پاڪستان جي خلاف ڳالهه ٻولهه ۽ مهم تي پابندي هوندي.

اليڪشن ڪميشن طرفان جاري ڪيل ضابطا اخلاق ۾ چيو ويو آهي ته سياسي پارٽيون ۽ اميدوار، تحفا ۽ لالچ نه ڏيندا ۽ سياسي پارٽيون عام سيٽن تي پنج سيڪڙو عورت اميدوارن کي ٽڪيٽون ڏينديون. انکانسواءِ جلسن ۽ جلوسن، عوامي ميڙن ۾ هٿيارن جي نمائش تي به پابندي هوندي.

ڄاڻايل ضابطا اخلاق موجب سرڪاري ناڻي مان سياسي ۽ چونڊ مهم هلائڻ ۽ رابطن واري سرڪاري ذريعن تي جانبداراڻي ڪوريج تي به پابندي هوندي.

انکانسواءِ سياسي پارٽين جي جلسن جي اجازت انتظاميا سان جڙيل هوندي، جڏهن ته سرڪاري وسيلن جي چونڊ مهم ۾ استعمال تي پابندي هوندي.

ڄاڻايل ضابطا اخلاق موجب سرڪاري ملڪيتن تي سياسي پارٽين جي پرچم لڳائڻ تي پابندي هوندي، جڏهن ته اليڪشن ايجنٽ جو لاڳاپيل تڪ کان هجڻ لازمي آهي. اميدوار هر پولنگ بوٿ تي هڪ پولنگ اينجٽ، تڪ جي لاءِ ٽي اليڪشن ايجنٽ مقرر ڪري سگهجن ٿا.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته حتمي ضابطا اخلاق سياسي پارٽين سياسي پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ جاري ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.