چار عدالتي پابنديون انيل ڪپور کي وڌيڪ امير بڻائينديون!

ممبئي(ويب ڊيسڪ) باليووڊ جون هجن توڙي ٻيون شخصيتون جيڪڏهن ڪنهن به حوالي سان پابندي لڳندي آهي ته ان جو اثر نه رڳو انهن جي ساک متاثر ڪندو آهي پر انهن جي سماجي زندگي توڙي ڪاروباري حيثيت تي به وڏا ناڪاري اثر پوندا آهن.

پر ڪجهه اهڙيون پابنديون به آهن جيڪي لڳڻ سان ڪنهن تي ڪو ناڪاري اثر ته ناهي پوندي پر ويتر ان لاءِ فائديمند ثابت ٿيندو آهي ۽ اهڙيون پابنديون انيل ڪپور تي به لڳيون آهن جنهن جي ڪري انيل ڪپور جي دل گارڊن گارڊن ٿي وئي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب انيل ڪپور طرفان نئين دهلي جي عدالت ۾ پرسنلٽي رائيٽس (شخصيتن جي حقن) جي ڀڃڪڙين جي حوالي سان درخواست داخل ڪئي وئي هئي، جنهن تي عدالت پنهنجو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو آهي.

اهڙو عدالتي فيصلو ڏٺو وڃي ته آهي ته انيل ڪپور جي خاصيتن تي پابندي پر اهو ان لاءِ وڏو فائديمند ثابت ٿيندو.

عدالت انيل ڪپور جي اجازت کانسواءِ سندس نالو، ڦوٽو، ۽ صحيح بنا اجازت جي استعمال ڪرڻ تي پابندي لاڳو ڪري ڇڏي آهي.

دهلي هاءِ ڪورٽ حڪم نامو جاري ڪندي سوشل ميڊيا چينلز، اِي ڪامرس ويب سائٽس ۽ شهرين کي انيل ڪپور جي پرسنلٽي رائيٽس جي ڀڃڪڙين کان روڪي ورتو آهي.

عدالت حڪم ڏنو آهي ته انيل ڪپور جي نالي، آواز، ڦوٽو، ڊائلاگ يا صحيح کي واپاري مقصدن لاءِ غيرقانوني طريقي سان استعمال ڪرڻ جي اجازت ناهي.

اهڙي پابندين جو مطلب ٿيو ته هاڻي ڪير به انيل ڪپور جي اجازت کانسواءِ سندس شخصيت جون خاصيتون استعمال نه ڪري سگهندو، جڏهن ان جو ڦوٽو، نالو، آواز ۽ صحيح استعمال ڪرڻ لاءِ انيل ڪپور کان اجازت وٺڻي پوندي، جنهن جو مطلب وري اهو ٿيو ته انيل ڪپور اهڙي اجازت ڏيڻ لاءِ پنهنجي اجرت وٺندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.