سنڌ ۾ اٽو سستو ٿيڻ جو امڪان

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ روسي ڪڻڪ جي آمد کانپوءِ اٽو سستو ٿيڻ جو امڪان ظاهر ڪيو پيو وڃي. روسي ڪڻڪ جا 2 جهاز پورٽ قاسم پهچي ويا آهن، جنهن کانپوءِ ملڪ ۾ اٽي جي اگهه ۾ گهٽتائي جو امڪان آهي.

روسي ڪڻڪ جا 2 جهاز پورٽ قاسم آئوٽر چينل پهچي ويا آهن، هي جهاز بلغاريا کان پاڪستان پهتا آهن.

روسي ڪڻڪ کڻي آيل پهريون جهاز پورٽ قاسم تي پهتو.

ذريعن جو چوڻ آهي ته امپورٽ ٿيل ڪڻڪ جي آمد سبب اٽي جي اگهه ۾ 10 رپيا سستائپ جو امڪان آهي.

هي به ڏسي سگهو ٿا

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.