هنن پينشنرز کي نظام مان ڪڍو: وڏو وزير

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) سنڌ نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر پينشن سڌارا متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته گهوسٽ پينشنرن  کي پينشن نظام۾ ڪڍيو وڃي، ڊي سيز  ناڻي کاتي سان کليل ڪچهري ڪري پينشن ڪيسن جي تصديق ڪن.

ميڊيا رپورٽن موجب، نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي صدارت هيٺ ناڻي کاتي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ لاڳاپيل اختيارين شرڪت ڪئي.

اجلاس دوران وڏي وزير کي ناڻي واري سيڪريٽري ڪاظم جتوئي بريفنگ ڏني.

وڏي وزير صوبي ۾ پينشن سڌارا متعارف ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.

ان موقعي تي سندس چوڻ هو ته پينشن خرچ ڪرنٽ روينيو خرچ جو 14 سيڪڙو تمام گهڻو آهي،ان ڪري  گهوسٽ پينشنرن کي سسٽم مان ڪڍيو وڃي.

نگران وڏي وزير وڌيڪ چيو ته خزاني آفيس وارا پينشن ڏيڻ ۾ دير ڪندا آهن، پيشن فراڊ قبول ناهن، هو چاهي ٿو ته  ناڻي کاتي ۾ آٽوميشن آندو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.