97 سڪيورٽي اهلڪار ۽ گارڊ، ست وڏيون گاڏيون، نگران وڏو وزير به پروٽوڪول جو وڏو شوقين

ڪراچي(ويب ڊيسڪ) حڪمرانن جي پروٽوڪول توڙي مهانگي گاڏين ۾ گهمڻ ۽ عياشين جون خبرون ڪيترائي ڀيرا عوامي تنقيد جو سبب بڻيون آهن جن جو حڪمرانن تي ته ڪو اثر ناهي هوندو پر ماڻهو سڀ ڪجهه اکين سان ڏسڻ باوجود به ساڳئي ڪرت ۾ رڌل هوندا آهن.

اهڙي ئي حوالي سان سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي سيڪيورٽي ۽ رهائش گاهه جي حوالي سان تفصيل سامهون آيا آهن جيڪي عوام اڳيان رکجن ٿا.

سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر جي سيڪيورٽي لاءِ نَوي پوليس اهلڪار مقرر آهن جڏهن ته سندس سيڪيورٽي ۾ ست پَڪ اَپ ويگو گاڏيون شامل آهن. ان سان گڏ سندس رهائش گاهه تي چوٽيهه گارڊ، ٽي گن مين ۽ پنج ڊرائيور به موجود آهن.

اهڙي حوالي سان وڏي وزير جي گهر تي ٻه سئو هڪ ماڻهو مقرر ٿيل آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.