جيڪڏهن توهان وٽ ڊالر آهن ته کپائي ڇڏيو، وڏي ڪارروائيءَ جون تياريون

ڪراچي ( ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جي ٻئي مرحلي ۾ ڊالر هٿ ڪرڻ لاءِ ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گڏجي گهرن تي ڇاپا هڻندا.

سيڪيورٽي ذريعن موجب، ڊالر ذخيرو ڪندڙن خلاف ڪريڪ ڊائون جو ٻيو مرحلو شروع ڪيو پيو وڃي جنهن ۾ ذخيرو ڪيل ڊالرن جي برآمدگي لاءِ ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گڏجي ڪارروائي ڪندا.

ذريعن موجب، ايڪسچينج ڪمپنيز کان حاصل ڪيل ڊيٽا جي مدد سان سموري مُلڪ ۾ گهرن جي نشاندهي ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته حساس ادارن کي ڪريڪ ڊائون کانپوءِ ادارن وٽ مافياز جي گهرن ۾ ڊالر ذخيرو ڪرڻ جا جوڳا اطلاع مليا آهن، حساس ادارن غير معمولي انگ ۾ ڊالرز ذخيرو ڪندڙن جي فهرست به حاصل ڪري ورتي آهي.

ذريعن موجب، ايف آءِ اي ۽ حساس ادارا گهرن تي ٽارگيٽڊ ڪارروائي ڪندا، جنهن کانپوءِ گهرن ۾ ڊالر لڪائڻ وارن کي جيل ڀيڙو ڪيو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.