اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران وزيراعظم انوار الحق ڪاڪڙ سرڪاري آفسرن کي مفت بجلي سهولت ختم ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو.
ذريعن موجب ناڻي واري وزارت مفت بجلي جي سهولت فوري طور تي ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي هئي ۽ مفت بجلي جي سهولت جي جاءِ تي رقم ادا ڪرڻ جي تجويز ڏني هئي.
وزيراعظم کي مفت بجلي جي پيش ڪيل رپورٽ ۾ اهم انڪشاف به ٿيا آهن.
رپورٽ موجب هر مهيني بچي ويندڙ يونٽ ايندڙ مهينن ۾ ايڊجسٽ ڪرڻ جي نوازش جاري آهي ۽ ڪيترائي ملازم ۽ آفيسر مفت يونٽ پاڙيسرين کي وڪرو ڪندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 10 ورهاست ڪندڙ ۽ 4 جنريشن ڪمپنين جا آفيسر ۽ ملازم مفت بجلي حاصل ڪري رهيا آهن، اين ٽي ڊي سي ۽ واپڊا آفيسر ۽ ملازم مفت بجلي حاصل ڪندڙن ۾ شامل آهن، ان کانسواءِ بل پرمٽ ڪندڙ ڪمپني پي آءِ ٽي سي جي آفيسرن ۽ ملازمن کي مفت بجلي ڏني ويندي آهي.
رپورٽ موجب سرڪاري آفيسرن ۽ ملازمن کي رٽائرمينٽ کانپوءِ به مفت بجلي جي سهولت حاصل آهي، مجموعي طور تي هڪ لک 89 هزار ملازم ۽ آفيسر مفت بجلي استعمال ڪري رهيا آهن.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ورهاست ڪندڙ ڪمپنين جا گريڊ 17 جا آفيسر ماهوار 450 يونٽ مفت بجلي وٺندا آهن، جڏهن ته جنريشن ڪمپني جا گريڊ 17 جا آفيسر 650 يونٽ مفت بجلي وٺي رهيا آهن.
رپورٽ موجب ورهاست ڪندڙ ڪپني جا گريڊ 18 جا آفيسر ماهوار 600 يونٽ ۽ جنريشن ڪمپني جا گريڊ 18 جا آفيسر 700 يونٽ مفت بجلي استعمال ڪندا آهن، جڏهن ته ورهاست ڪندڙ ڪمپني جا گريڊ 19 جا آفيسر 880 يونٽ ۽ جنريشن ڪمپني جا گريڊ 19 جا آفيسر هڪ هزار يونٽ مفت بجلي استعمال ڪندا آهن.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ورهاست ڪندڙ ۽ جنريشن ڪمپني جا گريڊ 20 جا آفيسر 1100 يونٽ ۽ گريڊ 21 جا آفيسر ماهوار 1300 يونٽ مفت بجلي وٺندا آهن.
You might also like