استاد جي اڻوڻندڙ حرڪت، ڪٽڪو

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي رياست راجسٿان ۾ اسڪول ۾ شاگردياڻي سان اڻوڻندڙ حرڪت ڪندڙ استاد کي سري عام ڪٽڪو ڏنو ويو آهي.
مقامي ميڊيا جي رپورٽس موجب واقعي ضلعي گنگانگر جي هڪ سرڪاري اسڪول ۾ پيش آيو جتي استاد کي 16 ورهين جي شاگردياڻي جي گھرڀاتين ڪٽڪي جي وڊيو سوشل تي گردش ڪري رهي آهي.
استاد جي سڃاڻپ راجيش جي نالي سان ٿي جنهن تي الزام آهي ته هو شاگردياڻي سان اڻوڻندڙ حرڪتون ڪندو هو.

وڊيو ۾ ڏسي سگھجي ٿو ته استاد کي ڪجهه مرد ۽ عورتون تشدد جو نشانو بڻائي رهيون آهن. کيس لتون، مڪون ۽ پادرن سان ڪٽيو ويو جڏهن ته روڊ تي ويهاري سندس چهري تي ڪارو رنگ به اڇليو ويو.
استاد شاگردياڻي سان غير اخلاقي حرڪت ڪرڻ جو اعتراف ڪندي معافي گھري. پوليس جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري معاملي جي وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.