استادن لاءِ خوشخبري، حڪومت پگهار وڌائي ڇڏي

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نگران حڪومت پگهارن ۾ واڌ ڪري استادن کي خوشخبري ٻڌائي ڇڏي.
وفاقي تعليمي ادارن ۾ ڊيلي ويجز استادن ۽ غير تدريسي عمل جي پگهار 32 هزار رپيا ڪئي وئي آهي.
وفاقي حڪومت بجيٽ ۾ گهٽ ۾ گهٽ پگهار 32 هزار رپيا مقرر ڪئي هئي، ان کان اڳ ديلي ويجز استادن جي پگهار 25 هزار هئي.
استادن ۽ غير تدريسي عملي جي پگهار 32 هزار رپيا ڪرڻ جو باضابطا نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تي عمل پهرين جولاءِ کان ٿيندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.