پاڪستاني آءِ ٽي سيڪٽر ۾ ڀارتي شين جي استعمال جو انڪشاف، وڏو خطرو سامهون اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) ڀارتي شيون پاڪستاني آءِ ٽي انڊسٽري، فن ٽيڪ ۽ بئنڪنگ سيڪٽر ۾ استعمال ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.
ڀارتي شين ذريعي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سڌي ريت ڀارتي مداخلت جو خدشو آهي، جنهن تي وفاقي حڪومت سڀني وفاقي وزارتن، ڊويزنز ۽ صوبن کي خط موڪلي ڇڏيو آهي.
خط ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستاني آءِ ٽي سيڪٽرز جون ڪجهه ڪمپنيون، بئنڪون ڀارتي ڪمپنين کان آءِ ٽي شيون خريد ڪنديون آهن، انهن شين ۾ مليوئير وائرس جي موجودگي جو امڪان آهي.
ايڊوائزري موجب ڀارتي ڪمپنين جي شين سان پاڪستاني بئنڪنگ سيڪٽر جي اهم ڄاڻ کي خطرو آهي، ميلوئير وائرس جي موجودگي سان ڊيٽا، پرسنل آئڊنٽيفڪيشن انفارميشن جي غلط استعمال جو خدشو آهي.
ايڊوائزري ۾ چيو ويو آهي ته ڀارتي شين ذريعي آءِ ٽي سيڪٽر ۾ سڌي ريت ڀارتي مداخلت جو انديشو آهي، تنهن ڪري ڀارتي شين جو استعمال ختم ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.
خط ۾ سڀني واهپيدارن کي ڀارتي آرٽيفشل انٽيليجنس شين جي استعمال کان پاسو ڪرڻ جي صلاح ڏني وئي آهي ۽ متبادل شين لاءِ ڪمپنين کي پاڪستان سافٽ ويئر هائوس سان صلاح ڪرڻ جي تجويز ڏني وئي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.