پاڪستان جو قومي نشان چنڊ ستاري مان ڪستو بڻجي ويو آهي: سراج الحق

لاهور (ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو آهي ته ڀارت چنڊ تي پهچي ويو، اسان اڃا اٽي ۽ بجلي جي ڳولا ۾ آهيون، دنيا ۾ پاڪستان جو قومي نشان اڳ چنڊ ستارو هو ۽ هاڻ ڪستو بڻجي ويو آهي.
پنهنجي بيان ۾ سراج الحق چيو ته نوجوان بي روزگار، ٻار اسڪولن کان ٻاهر، هر پنجون شخص ڊپريشن جو شڪار ٿي ويو آهي، بجلي، پيٽرول، اٽي، کنڊ ۽ ٻين ضروري شين جي اگهه فوري طور گهٽايا وڃن.
هن چيو ته آءِ پي پيز معاهدن تي نظرثاني ۽ انهن معاهدن جي ذميوارن جو احتساب ڪيو وڃي، نگران حڪومت جو ڪم ناهي ته بجلي، گئس ۽ پيٽرول جي اگهه ۾ واڌ ڪري.
سندس چوڻ هو ته جماعت اسلامي کانسواءِ ڪنهن پارٽي وٽ ملڪ کي پيش چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي اهليت ناهي جماعت اسلامي آءِ پي پيز معاهدن خلاف سپريم ڪورٽ ويندي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.