پي ڊي ايم نه اچي ها ته اڄ پيٽرول هزار رپيا ليٽر هجي ها: نواز شريف

لنڊن (ويب ڊيسڪ) ن ليگ قائد نواز شريف چيو آهي ته پي ڊي ايم ملڪ کي ڏيوالي کان نه بچائي ها ته اڄ پيٽرول هزار رپيا في ليٽر هجي ها.
اڳوڻي وزيراعظم نواز شريف پنجاب جي پارٽي عهديدارن سان گرينڊ مشاروتي اجلاس ۾ خطاب ڪندي چيو ته ملڪ کي تباهي ڪناري پهچائيندڙ وڏا ڏوهي آهن، 70 سالن ۾ اهڙو ڏوهه ڪنهن نه ڪيو هوندو جو ملڪ ڏيوالي تي اچي وڃي، قوم کي خبر هجڻ گهرجي ته اهي ڏوهي ڪير آهن، قوم انهن کي معاف نه ڪري.
هن چيو اسان پنهنجو سياسي سرمايو داءَ تي لڳائي ملڪ کي ڏيوالي کان بچايو، ملڪ کي ڏيوالي کان بچائڻ جي قيمت اسان ادا ڪئي آهي، پاڪستان خاطر سچائي سان اها قرباني اسان ڏني آهي، لکي ٿو ڏيان ته چونڊن ۾ ڪامياب به توهان ئي ٿيندئو.
سندس چوڻ هو ته اسان جي معاشي ايجنڊا جي ڪاپي ڪري اڄ ڀارت ڪٿي پهچي ويو آهي، اڄ اسان ٻين ملڪن کان پئسو وٺي رهيا آهيون ته ملڪ جي ڪهڙي عزت رهجي وئي آهي، اڄ وزيراعظم ٻين ملڪن سامهون هٿ ٽنگڻ تي مجبور هوندو آهي.
نواز شريف چيو ته ملڪ کي اتي پهچائيندڙ انجام تي پهچندا، 25 ڪروڙ عوام جو نصيب اونداهو ڪندڙ قاتلن کان به وڏا ڏوهي آهن، اهڙن ڏوهارين کي ڇڏڻ وڏو ظلم هوندو، اهي ماڻهو معافي جي لائق ناهن.
ن ليگ قائد چيو ته مان اڳ به معاملو الله تي ڇڏيو هو ۽ هاڻ به الله تي ڇڏيو آهي، الله پاڪ ڪامياب ڪندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.