سڀ کان وڌيڪ پوڙها دنيا جي ڪهڙي ملڪ ۾ آهن؟ انگ اکر جاري

جاپان ۾ وڏي عمر جي ماڻهن جو انگ وڌندو پيو وڃي، انگن اکرن ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته ملڪ جي 10 سيڪڙو کان وڌيڪ آبادي 80 سالن جي عمر جي ماڻهن تي ٻڌل آهي.
رپورٽ موجب پهريون ڀيرو جاپان ۾ 80 سال يا ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جي انگ ۾ 10 سيڪڙو تائين واڌ ڏٺي وئي آهي.
سرڪاري ڊيٽا موجب جاپان جي آبادي ۾ 65 ۽ ان کان وڏي عمر جي ماڻهن جي شرح وڌي 29.1 سيڪڙو ٿي وئي آهي، جيڪا هڪ سال اڳ 29 سيڪڙو هئي.
جاپان 65 سالن کان وڌيڪ عمر جي ماڻهن جي آبادي ۾ دنيا ۾ پهرئين نمبر تي آهي، جڏهن ته اٽلي 24.5 سيڪڙو شرح سان ٻئي ۽ فن لينڊ 23.6 سيڪڙو شرح سان ٽئين نمبر تي آهي.
سرڪاري اختيارين جو چوڻ آهي ته جاپان ۾ بزرگ ماڻهن جي آبادي جي شرح دنيا ۾ سڀ کان وڌيڪ آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.