ڪراچي (ويب ڊيسڪ) اڄ سپريم ڪورٽ ۾ پريڪٽس اينڊ پروسيجر ايڪٽ خلاف درخواستن جي ٻڌڻي سپريم ڪورٽ جي 15 رڪني بينچ ڪئي.
سپريم ڪورٽ ۾ اها ڪارروائي سرڪاري ٽي وي تي لائيو ڏيکاري وئي، صبح کان شام تائين عدالت مان خبرون اينديون رهيون ۽ اسڪرين تي ماڻهن جون نظريون کتل رهيون.
ان کان اڳ آصف علي زرداري کان هڪ صحافي سوال ڪيو ته چيف جسٽس قاضي فائز عيسيٰ اڄ ٻڌڻي لائيو ڏيکارڻ چاهي ٿو، ان کي اوهان ڪيئن ڏسو ٿا.
جواب ۾ آصف علي زرداري جو چوڻ هو ته عدليه کي ايترو ايگزيبٽ (نمائشي) نه ٿيڻ گهرجي.